ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نازيبا وڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا کي الوداع چوندڙ ٽڪ ٽاڪر مناهل ملڪ ٻه مهينن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي واپسي جو اعلان ڪيو آهي.
مناهل ملڪ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن سوشل ميڊيا تي واپسي جو اعلان ڪيو آهي.
انسٽاگرام اسٽوري ۾ ٽڪ ٽاڪر لکيو ته ”گهڻن ماڻهن کان غلطيون ٿينديون آهن پر سڀني صرف منهنجون غلطيون ڏٺيون، اهو ناهي ڏٺو ته مان ڪهڙي آهيان“
هن چيو ته ”منهنجي ڪري منهنجا فينز گهڻا ڊسٽرب هئا ته مناهل توهان کي واپس آڻڻو پوندو ۽ منهنجو خاندان به چوندو هو ته مون کي واپس اچڻ گهرجي، هي دنيا ڪنهن کي جيئڻ نٿي ڏئي، بس شريف اهي آهن، جن جا ڏوهه لڪيل هوندا آهن“.
مناهل وڌيڪ لکيو ته ”مون کي ڪو فرق ناهي پوندو ته ڪو منهنجي بابت ڇا سوچي رهيو آهي، گهڻا ماڻهو ڳالهائيندا رهندا پر هاڻي مان اها مناهل آهيان، جيڪا تمام مضبوط آهي، ان کي ڪنهن جي ڳالهين کان ڪو فرق نٿو پئي“.
ياد رهي ته مناهل ملڪ پنهنجون نازيبا وڊيوز ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ٻه مهينا اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته واهپيدارن وڊيوز ليڪ ٿيڻ واري واقعي کي پبلسٽي اسٽنٽ قرار ڏنو هو.
You might also like