ڪراچي: بس جي ٽڪر ۾ عورت فوت، مڇريل ماڻهن بس کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بس جي موٽر سائيڪل سان ٽڪر ۾ عورت فوت، جڏهن ته سندس مڙس زخمي ٿي پيو.
حادثو عائشا منزل وٽ پيش آيو، جتي بس جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار عورت فوت ٿي وئي ۽ سندس مڙس زخمي ٿي پيو، فوتي عورت جي سڃاڻپ بشريٰ جي نالي سان ٿي.
حادثي کانپوءِ مڇريل ماڻهن بس کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پوليس جي نفري موقعي تي پهچي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.