مڙس سان جهيڙي تي زال چوپائي مال کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي علائقي مامون ڪانجن ۾ مڙس سان جھيڙي کانپوءِ زال ڪاوڙ ۾ اچي گھر جي قيمتي چوپائي مال کي زهر ڏئي ڇڏيو، زهر کائڻ سبب لکن جي ماليت جون ٽي مينهون ۽ هڪ ڳئون مري وئي.
پوليس موجب مامون ڪانجن جي ڳوٺ ۾ ظفر اقبال جا ڍور مرڻ جو واقعو سامهون آيو، مڙس الزام هنيو ته زال ڪاوڙ ۾ اچي چوپائي مال کي زهر ڏنو، جنهن سبب ٽي مينهون ۽ هڪ ڳئون مري وئي، جن جي ماليت 12 لک رپين کان وڌيڪ هئي.
ظفر اقبال چيو ته زال چوپايو مال کپائي پنهنجي پهرين شادي سان ٿيندڙ ٻارن جي مالي مدد ڪرڻ پئي چاهي، پيسن جي معاملي تي جهيڙو وڌيو ۽ زال اهو انتهائي قدم کنيو.
مڙس موجب واقعي کانپوءِ زال گهر ڇڏي اڻچاتل هنڌ رواني ٿي وئي، جڏهن ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.