واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا غلطي سان احمر سمنڊ ۾ پنهنجو ئي جهاز ڪيرائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته غلطي سان ڪيرايل جهاز جا ٻئي پائلٽ بچي ويا، ايف اي 18 هارنيٽ جهاز احمد سمنڊ ۾ آمريڪي جهاز جي ڀرسان گذري رهيو هو، ميزائل ڪروز گيٽس برگ غلطي سان ميزائل هڻي جهاز کي ڪيرائي ڇڏيو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب غلطي سان ڪيرائل جهاز جو هڪ پائلٽ معمولي زخمي ٿيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like