راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن، سندن سهولتڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن جو خاتمو ڪيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا جو دورو ڪيو، جتي کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف آفيسرن ۽ فوجي جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جوانن جي ثابت قدمي جي تعريف ڪئي.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته شهيد پاڪستان جو فخر آهن ۽ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي، پاڪ فوج قوم جي حمايت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي کي يقيني بڻائيندي.
هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ ثابت قدم رهندي، رياست مخالف سرگرمين، سهولتڪارن ۽ مالي مدد فراهم ڪندڙن جو پيڇو اُنهن جي خاتمي تائين ڪيو ويندو.
رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو خاتمو ڪيو ويندو: آرمي چيف
You might also like