چيمپيئنز ٽرافي لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان، اسٽوڪس ڊراپ، روٽ جي واپسي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڀارت جي دوري ۽ پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ جو روٽ جي واپسي ٿي آهي، جڏهن ته بين اسٽوڪس کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
انگلينڊ جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ جوز بٽلر (ڪپتان)، جوفرا آرچر، گس اٽڪنسن، جيڪب بيٿل، هيري بروڪ، برائيڊن ڪارس، بين ڊڪٽ، جيمي اوورٽن، جيمي اسمٿ، ليام ليونگسٽن، عادل رشيد، جو روٽ، ثاقب محمود، فل سالٽ، مارڪ ووڊ شامل آهن.
واضح رهي ته انگلينڊ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪندڙ پهريون ملڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.