لڳاتار 3 ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ، عبدالله شفيق بدترين رڪارڊ ماڻي ورتو

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اوپنر عبدالله شفيق بدترين رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
عبدالله شفيق ڪنهن به ون ڊي سيريز جي سڀني ميچن ۾ ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ دنيا جو پهريون اوپنر بڻجي ويو، ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز جي ٽنهي ميچن ۾ عبدالله شفيق کاتو نه کولي سگهيو.
24 ورهين جو عبدالله شفيق هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ پاڪستاني اوپنر پڻ بڻجي ويو آهي، هو هلندڙ سال 21 اننگز ۾ 7 ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.
ان کان اڳ عمران نذير سال 2000 ۾ 6 ڀيرا ۽ محمد حفيظ سال 2012 ۾ 6 ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيو هو.
واضح رهي ته سال ۾ سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشنل ڊڪس جو رڪارڊ ڏکڻ آفريقا جي هرشل گبز ۽ سريلنڪا جي تلڪرتني دلشان وٽ آهي، جيڪي هڪ سال ۾ 8 ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.