ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ پوليو جا ڦڙا پيئاريندڙ ٽيم مٿان حملي جي نتيجي ۾ پوليو ورڪرز ۽ پوليس اهلڪارن زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، ڪورنگي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري هئي جنهن دوران پوليو ورڪرز ڦڙا پيئارڻ لاءِ فيملي وٽ ويا ته گهرڀاتين ٻارن کي ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪندي مٿن حملو ڪري ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل فيملي پوليو ٽيم کي بيلچن سان تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کانئن موبائيل فونز به کسي ورتا.
پوليس موجب، واقعي جو اطلاع ملندي کي وڌيڪ نفري علائقي ۾ پهچي وئي ۽ ٽيم تي حملو ڪندڙ ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جن ٻه مرد عمران ۽ سفيان ۽ چار عورتون سمينا، ماه جبين، آمنا، اقرا، شامل آهن.
پوليس جو چوڻ اهي ته حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليو ورڪرز ۽ اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي.
ڪراچي: فيملي جو پوليو ٽيم مٿان حملو، اهلڪارن جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا، 4 عورتن سميت 6 ڄڻا گرفتار
You might also like