”فخر جي ڳالهه آ ته گهوٽڪي ضلعو خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي ضلعن کان بهتر آهي“

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته گهوٽڪي ضلعو خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي ضلعن کان بهتر آهي.
گهوٽڪي بار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته گهوٽڪي بار ايسوسيئيشن جا خدشا جلد ختم ڪيا ويندا، جيڪا ڪمٽمينٽ ڪئي آهي، اها ضرور پوري ڪنداسين.
هن چيو ته عدليا جي تقدس کي برقرار رکيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس توهان جي مسئلن کان آگاهه ڪيو آهي، ججن لاءِ تاڙيون نه وڄايو، جج ٺيڪ ٺاڪ هوندا آهن توهان انهن کي خراب ڪري ڇڏيندا آهيو، مان توهان جي جذبن جو قدر ڪيان ٿو.
ان کان اڳ جسٽس يحيٰ آفريدي ججن سان ملاقات ڪئي، چيف جسٽس جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.