190 ملين پائونڊ ريفرنس جو ٽرائل مڪمل، عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو ٽرائل مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جج ناصر جاويد راڻا ڪئي ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل جا حتمي دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ٽرائل جي آخري ٻڌڻي تقريبن 8 ڪلاڪ 15 منٽ جاري رهي ۽ ان دوران عمران خان ۽ بشريٰ بي بي عدالت ۾ موجود رهيا.
احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 23 ڊسمبر سومر تي ٻڌايو ويندو.
واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ نيب جي وڪيل ريفرنس ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.