جيڪو وڻي ڪنديس: فلسطيني ٿيلهي تي تنقيد کانپوءِ پريانڪا گانڌي جو جواب

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي نئين چونڊيل پارليامينٽ ميمبر پريانڪا گانڌي حڪومتي جماعت بي جي پي جي تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو.
پريانڪا گانڌي گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اهڙو ٿيلهو پائي آئي، جنهن تي فلسطين لکيل هو، ان کانپوءِ حڪومتي جماعت بي جي پي جي ميمبرن مٿس تنقيد ڪندي چيو هو ته ماڻهو اهڙيون حرڪتون رڳو خبرن ۾ رهڻ لاءِ ڪندا آهن.
تنقيد تي جواب ۾ پريانڪا گانڌي چيو ته مان جيڪو چاهينديس اهو پائينديس، مان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهيان ته ان حوالي سان منهنجي سوچ ڪهڙي آهي، منهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي سڀ بيان موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.