شاهد آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر نانو بڻجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر نانو بڻجي ويو.
شاهد آفريدي جي وڏي نياڻِ اقصيٰ ڌيءَ کي جنم ڏنو آهي، ڏوهٽيءَ جي پيدائش تي خوشي جو اظهار ڪندي شاهد آفريدي سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر ڪيون ۽ پنهنجي ڌيءَ اقصيٰ ۽ ناٺي نصير کي والدين بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني.
اڳوڻي ڪپتان لکيو ته الله پاڪ اقصيٰ ۽ نصير کي خوبصورت آئيرا سان نوازيو آهي. ڌيئرون الله جي رحمت ۽ انمول نعمت آهن، دعائن ۾ ياد رکو.
ياد رهي ته اقصيٰ جي شادي 30 ڊسمبر 2022 تي نصير ناصر خان سان ٿي هئي، هوءَ شاهد آفريدي جي پنجن ڌيئرن مان سڀ کان وڏي آهي.
ڪجهه مهينا اڳ شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي به پٽ جي پيدائش ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.