پينن کي خيرات ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ پينن کي خيرات ڏيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڀارتي شهر اندور جي انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته پهرين جنوري 2025 کان جيڪو به پينن کي خيرات ڏيندو، ان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.
ڀارتي ميڊيا موجب ضلعي ڪليڪٽر آشيش سنگھه ان اقدام جي تصديق ڪندي چيو ته شهر ۾ پينن خلاف آگاهي مهم هن مهيني (ڊسمبر) جي آخر تائين جاري رهندي، جيڪڏهن پهرين جنوري کان ڪو شخص خيرات ڏيندي نظر آيو ته ان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، اندور ۾ پينن تي پابندي لڳائڻ جو مقصد شهر کي صاف رکڻ سان گڏوگڏ منظم نيٽ ورڪس جو خاتمو ڪرڻ آهي.
هن شهرين کان اپيل ڪئي ته اهي پينن کي پئسا ڏئي ڏوهه ۾ شامل نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.