انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۾ ٻه فوجي هيلي ڪاپٽر فضا ۾ ٽڪرائجڻ سبب 6 اهلڪار فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ هڪ هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار 6 فوجي اهلڪار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻيو هيلي ڪاپٽر حفاظت سان زمين تي لٿو.
اختيارين موجب اهو حادثو تربيتي اڏامن دوران پيش آيو، ان حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
Next Post
You might also like