والاريل ڪشمير ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، ڀارتي فوجي اجل جو شڪار

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي پونڇ ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ هڪ ڀارتي فوجي اجل جو شڪار ٿي ويو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڄمون ڪشمير جي ضلعي پونڇ ۾ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو، ڌماڪو ڀارتي فوجي اڏي ڀرسان ٿيو، جنهن تي اهلڪارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي.
واقعي واري هنڌان هڪ ڀارتي فوجي اهلڪار جو لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ حوالدار سڀاش جي نالي سان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.