ٻاهرئين ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏيندي ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي؟ شاگردن لاءِ اهم ڄاڻ

دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ يقينن هر شاگرد جو خواب هوندو آهي پر آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ جو عمل وڏو چئلينج ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڪجهه اهم عنصر مثال طور بهتر نموني تحرير ڪيل مضمون، تعليمي اسڪور، ذاتي خاصيتون آمريڪي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا جي درخواست کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ڪيليفورنيا جي پومونا ڪاليج جي مددگار نائب صدر ۽ داخلائن جي ڊائريڪٽر آدم سيپ موجب اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي يقينن داخلا آفيسرن جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي پر اسان کي اهڙن شاگردن جي ڳولا رهندي آهي، جيڪي ميجر مضمونن ۾ تعليم حاصل ڪن، گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ شرڪت ۽ قيادت ڪن، اسان کي اهڙن شاگردن جي گهرج هوندي آهي ته جيڪي ڪلاس روم کان ٻاهر طبقن جي تعمير ڪن، شاگردن کي گهرجي ته اهي هاءِ اسڪول ۾ ئي قيادت جا گُر سکن.
ماهرن موجب آفيسرن کي اهڙن شاگردن جي ڳولا هوندي آهي، جيڪي ڪاليج لاءِ موزون هجن، تنهن ڪري بهتر اهو آهي ته اڳ ۾ ڪاليجن بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي، جنهن سان ادارن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، درخواست ڏيندڙ کي هر ڪاليج جي ماحول جي خبر هجڻ گهرجي.
سيپ انڪشاف ڪيو ته جيڪڏهن توهان مختلف پس منظر رکندڙ ماڻهن کان سکڻ ۾ دلچسپي رکو ٿا، مختلف تعليمي ميدانن ۾ رابطا قائم ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ دنيا ۾ ڪجهه الڳ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهڙا ڪاليج توهان لاءِ موزون آهن.
ڪاليج لاءِ درخواست ڏيندي اهو ذاتي مضمون توهان جي قبوليت جا امڪان وڌائي ڇڏيندو آهي، جنهن ۾ توهان جي تجربن ۽ خواهشن جو سٺي طريقي سان ذڪر ڪيل هجي، ان مضمون ۾ انهن مسئلن تي روشني وڌل هجي، جن کي اميدوار ڪاميابي سان حل ڪيو وڃي.
سيپ موجب هڪ کان وڌيڪ ادارن ۾ درخواست ڏيندي هڪ ئي مضمون استعمال نه ڪرڻ گهرجي پر هر اداري جون پنهنجون گهرجون هونديون آهن، تنهن ڪري انهن کي ذهن ۾ رکندي پنهنجو مضمون لکڻ گهرجي.
داخلا آفيسر درخواست ۾ ايمانداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهن، سيپ ٻڌائي ٿو ته توهان جيئن آهيو ائين ئي پاڻ کي پيش ڪيو، پنهنجي تجربن کي سچائي سان بيان ڪيو، توهان جن شين کي سٺو سمجهندا آهيو، انهن جو ذڪر ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته اهي سٺيون شيون اداري سان ڪيئن مطابقت رکن ٿيون.
هڪ عام غلطي جيڪا اڪثر شاگرد ڪندا آهن اها آهي پنهنجي تجربن ۽ نظرين کي بيان نه ڪرڻ، اميدوار بنيادي طور تي تعليمي ڪارڪردگي ۽ ٽيسٽ اسڪور تي ئي ڌيان ڏيندا آهن ۽ پنهنجي شخصيت ۽ ثقافتي پس منظر کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.