چولستان ڪينال تي وفاق جي سنڌ سان ٺڳي، وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ کي وفاقي حڪومت طرفان هڪ ٻيو ڌچڪو ملڻ جو خدشو آهي، چولستان ڪينال منصوبي جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظوري وٺڻ جو فيصلو تبديل ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.
چولستان ڪينال منصوبو سي سي آءِ ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويا، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبابندي واري وزارت ڪابينا ڊويزن کي ايڪنڪ جا منٽس تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪابينا ڊويزن کان ايڪنڪ جي منٽس مان چولستان ڪينال کي ڪڍڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
نگران دور ۾ ايڪنڪ چولستان ڪينال جي منظوري سي سي آءِ سان مشروط ڪري ڇڏي هئي.
ذريعن موجب منصوبابندي واري وزارت جو موقف آهي ته ايڪنڪ منٽس ۾ چولستان ڪينال غلطي سان شامل ٿيو، ڇو ته ايڪنڪ جو فيصلو چولستان نه رڳو گريٽر ٿل ڪينال بابت هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي چولستان ڪينال جي تعمير تي اعتراض آهي، سنڌ ڪينال جي تعمير کي پاڻي جي دستيابي وڌائڻ سان مشروط ڪيو آهي، سنڌ حڪومت کي خدشو آهي ته تجويز ڪيل ڪينال جي تعمير سان صوبي کي پاڻي جو حصو گهٽجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.