ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهن، صحت سان لاڳاپيل شيون هتي تيار ٿينديون، سنڌ سرڪار جي ڪوشش هوندي آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، حڪومت جي ترجيح ۾ صوبي اندر سيڙپڪاري وڌائڻ آهي.
سندس چوڻ هو هن وقت به پرڏيهي وفد صوبي ۾ موجود آهي، وفد سان ملاقاتن ۾ زرعي، صحت ۽ انرجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته صحت جي شعبي لاءِ هيلٿ سٽي ٺاهي رهيا آهن، صحت جي شعبي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، پرڏيهي وفد زرعي شعبي ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like