بلاويو (ويب ڊيسڪ) زمبابوي ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان کي سخت مقابلي بعد ٻن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، جڏهن ته گرين شيرٽس سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميزبان زمبابوي پاڪستان جو 133 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
زمبابوي برائن بينيٽ 43 ڪپتان سڪندر رضا 19 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، ٻين رانديگرن ۾ مورماني 15، ڊيون مئرس 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
رچرڊ نگاروا 1 رنسن ۽ ٽينوٽينڊا مفاسا 12 جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان جي عباس آفريدي 3، جهانداد خان 2 وڪيٽون ورتيون.
بلاويو ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان سلمان علي آغا 32، طيب طاهر 21، قاسم اڪرم 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ان کانسواءِ عثمان خان 5، صاحبزاده فرحان 4، عمير بن يوسف کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو، عباس آفريدي 15 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته عرفات منهاس 22 ۽ جهانداد خان 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
زمبابوي جي موزا رباني ٻه وڪيٽون ورتيون.
برائن بينيٽ کي پليئر آف دي ميچ جڏهن ته سفيان مقيم کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.