اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سافٽ ويئر هائوس ايسوسيئيشن جي چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آءِ ٽي انڊسٽري بابت بريفنگ ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته انٽرنيٽ جي بندش سبب پاڪستان کي روز 1.3 بلين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.
سينيٽ جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس ۾ پاشا جي چيئرمين وي پي اين پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ڪلاڪ انٽرنيٽ بندش سان آءِ ٽي کي 9 لک 10 هزار ڊالرن جو نقصان ٿيندو آهي.
ڪميٽي چيئرپرسن پلوشه خان چيو ته آءِ ٽي وزارت جيڪو قدم کڻندي آهي، ان جي ذميواري گهرو وزارت تي وجهي ڇڏيندي آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان وٽ آءِ ٽي واري وزارت ڇو آهي؟
آءِ ٽي سيڪريٽري چيو ته نيشنل سيڪيورٽي گهرجون پوريون ڪندي ڪوشش آهي ته انٽرنيٽ تي گهٽ اثر پون.
پي ٽي اي چيئرمين چيو ته پهرين جنوري کان وي پي اين جي لائسنسنگ شروع ڪنداسين، وي پي اين لائسنسنگ سان مسئلو حل ٿي ويندو، انٽرنيٽ وي پي اين جي ڪري سست ناهي.
ڪميٽي ميمبرن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انٽرنيٽ مجموعي طور تي سست آهي.
You might also like