ملڪ ۾ انٽرنيٽ بحران برقرار، واهپيدار پريشان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪجهه ڏينهن ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سماجي رابطن واريون ويب سائيٽس سست رفتاري جو شڪار آهن جنهن ڪري ملڪ جي مالي حالتن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.

انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿيڻ سبب واهپيدارن کي واٽس ايپ ۽ ٻين ايپس تي تصويرون، وڊيوز ۽ وائس نوٽس موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

ان کانسواءِ، واءِ فاءِ ۽ موبائل ڊيٽا سروسز به متاثر ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.

آءِ ٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته سست انٽرنيٽ سبب ملڪ جي معيشت ۽ جي ڊي پي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.

پاڪستان جي ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبي جو گڏيل طور روزاني بنيادن تي منافعو ٽي ارب رپيا آهي جنهن جو سٺ کان ستر سيڪڙو منافعو ٿري جِي ۽ فور جِي نيٽورڪ ذريعي حاصل ٿئي ٿو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسي ايشن جي سربراهه انٽرنيٽ جي سست رفتاري وارو مسئلو ٽن مهينن ۾ حل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.