اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ هٿرادو ذهانت جي بهترين سولائي!
Share
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هاڻي توهان پنهنجي اينڊرائيڊ فون کي ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ ڪال ڪري سگھو ٿا ۽ ٽيڪسٽ ميڪسج به اماڻي سگھو ٿا.
هٿرادو ذهانت توهان جي فون کي اَن لاڪ ڪرڻ بدران ئي ڪال توڙي ميسيج ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب گوگل جيمنائي هڪ نئون اي آءِ فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي. جيڪو ڪجهه محدود واهپيدارن لاءِ موجود آهي. جنهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ موبائل کي اَن لاڪ ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪال ڪرڻ يا پيغام موڪلڻ واري آپشن کي فعال ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي اپڊيٽ جو مقصد جيمنائي ايپ ذريعي روزاني وارا ڪم فون ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ سولا بڻائڻ آهي.
سڀ کان پهريان هن فيچر بابتاڪٽوبر ٻه هزار چوويهه ۾ اڳواٽ ئي ٻڌايو ويو هو. ان وقتاينڊرائيڊ اٿارٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته جيمنائي لائيو لاءِ هڪ فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
هن وقت تائين اهو واضع ناهي ٿي سگهيو ته سڀني واهپيدارن کي هي فيچر ڪڏهن تائين مُهيا ٿيندو.
جيمنائي ۾ شامل ٿيندڙ هي اڪيلو فيچر ناهي، ان کان اڳ به هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته گوگل هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري پيو جنهن سان واهپيدارن کي اي آءِ اسسٽنٽ ذريعي مخصوص فائل، رڪارڊنگز ۽ تصويرن کي ڳولڻ جو موقعو ملندو.