پاڪستان ۽ روس وچ ۾ انسولين جي تياري سميت مختلف معاهدن تي صحيحون

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس وچ انسولين جي تياري سميت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
پاڪستان ۽ روس وچ ۾ تجارتي، معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ کانسواءِ صنعتي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ وارا معاهدا به ٿيا.
پاور ڊويزن طرفان پاڪستان ۽ روس ۾ ٿيل معاهدن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميش جو اجلاس ماسڪو ۾ ٿيو، توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري وفد سان گڏ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
پاور ڊويزن موجب، روس ۽ پاڪستان وچ ۾ اٺ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان معاهدا ٿيا.
پڌرائي موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ انسولين جي تياري بابت معاهدن تي صحيحون ٿيون، ان کانسواءِ ٻطرفي واپار جي حوالي سان به روس ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدو ٿيو.
پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته نيشنل ووڪيشنل ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ڪميشن جون روسي يونيورسٽي سان ايم او يو تي صحيحون ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.