گهر مان هر بيماري ۽ مصيبت کي ٻُوهارو، بس رڳو هڪ ٽِڪي ئي ساڙيو!

ميڊيڪل سائنس ۾ ڪافور جا ڪيترائي فائدا بيان ڪيا ويا آهن، ڪافور جي ٿوري به خوشبو آلودگي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بهترين ڪم ڪندي آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به گهر ۾ روز جي بنيادن تي ڪافور کي ساڙجي ته ان جا ڪيترائي فائدا ماڻي سگهجن ٿا، اڄ اسان انهن مان ڪجهه فائدن بابت آگاهي ڏينداسين.

ڪافور جي فائدن مان هڪ فائدو اهو به آهي ته اهو ماحول کي صاف رکندو آهي، حقيقت ۾ ڪافور اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي وائرل خاصيتون رکندڙ آهي جنهن جي ڪري گهر ۾ موجود هوا کي صاف ڪري ٿو. جيڪڏهن گهر ۾ ڪافور کي ساڙجي ته اهو ڦهلجندڙ بيمارين کان به بچائيندو آهي انڪري پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي وڌندڙ گدلاڻي ۽ وائرل بيمارين کان بچائڻ جي لاءِ روز پنهنجي گهر ۾ ڪافور کي ساڙيو ته بهتر رهندو.

ڪافور جي ٿوري به خوشبو توهان جي ذهني دٻاءَ ۽ پريشانين کان بچائڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿيندي آهي، ان لاءِ توهان پنهنجي موڊ جي حساب سان ڪهڙي به وقت ڪافور ساڙي سگهو ٿا، ان جي خوشبو توهان جي مزاج تي سُٺو اثر وجهندي ۽ توهان کي ننڊ به سُٺي ايندي.

سياري جي موسم ۾ نَڪ بند ٿيڻ ۽ نزلي جون شڪايتون به عام ٿي وينديون آهن. اِهي اُهي مسئلا آهن جيڪي هر گهر ۾ ٿي سگهن ٿا پر انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ به رڳو ڪافور کي ساڙي فوري طور تي راحت ماڻي سگهجي ٿي. ڪافور ۾ ڪجهه اهڙيون خاصيتون موجود آهن جو ان کي ساڙيون وڃي ته ان جو دونهون ۽ خوشبو نَڪ بند واري ماڻهن لاءِ بهترين هوندو آهي.

ان سان گڏ جيڪڏهن ڪنهن کي ساهه جي تڪليف يا دم جو مسئلو آهي ته سڙندڙ ڪافور جي خوشبو ان جي لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندي.

جيت جڻئي مان جند ڇڏائڻ لاءِ به سڙندڙ ڪافور انتهائي بهترين ثابت ٿيندو آهي، مکين مڇرن، ڪرڙين، لال بيگن ۽ ٻين جيتن مان جند ڇڏائڻ لاءِ به روز جي بنيادن تي ڪافور کي ساڙي سڪون ماڻي سگهجي ٿو.

گهر ۾ ڪافور ساڙڻ سان صحت جي حوالي سان ڪي به نقصان ناهن ٿيندا، انڪري ڪنهن به وهم يا پريشاني کان بچندي روز گهر ۾ ڪافور ساڙي صحتمند زندگي گذارڻ شروع ڪري سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.