اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان جي وڏي ڀيڻ روبينا خان چيو آهي ته بشريٰ بي بي جو سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي.
هڪ بيان ۾ روبينا خان چيو ته پنجاب ۾ عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي ذريعي نظام هلائڻ سڀني جي سامهون آئي، مشال يوسفزئي کي نئين فرح گوگي قرار ڏنو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون سياست نه پهريان هيون نه هاڻي آهن، ڀينرن جو سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته چيو ته ڀينرن جي حڪومتي عهدي ذريعي مال ڪمائڻ قطعي خواهش ناهي، نئين ۽ پراڻي پاڪستان ۾ اِهو فرق آهي، هميشه چيو آهي ته پراڻي پاڪستان جي گندگيءَ سان نئون پاڪستان نه ٿو ٺهي سگهي.
Prev Post
You might also like