اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ، 100 انڊيڪس هڪ دفعو ٻيهر هڪ لک جي حد پار ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزيءَ جو سلسلو برقرار آهي، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ دفعو ٻيهر هڪ لک جي حد پار ڪري وئي، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسين سبب معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن صبح سوير ئي تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
اسٽاڪ مارڪيٽ جي هنڊريڊ انڊيڪس 363 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 446 پوائنٽس تي پهچي وئي.
ڪاروبار دوران هڪ وقت ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 653 پوائنٽس تي به پهتي.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسين سبب معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن……..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.