اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي آفيس ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) سان انگيجمينٽ بابت ڪائي ايجنڊا نه آهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته افغانستان ۾ پاڪستاني سفيرن جو ڪم افغان حڪومت سان رابطي ۾ رهڻ آهي، پاڪستاني ناظم الامور جي افغانستان جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات جا تفصيل ميڊيا سان شيئر نه ڪيا ويندا.
هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، پاڪستان ۽ چين جي ٽي ٽي پي سان انگيجمينٽ بابت ڪا به ايجنڊا نه آهي.
ترجمان چيو ته گهرو وزارت پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران افغان شهري گرفتار ڪيا، پرڏيهين جي پاڪستاني سياسي ميڙاڪن ۾ شرڪت مڪمل طور غيرقانوني آهي، سمورن پرڏيهين کي خبردار ڪيون ٿا ته پاڪستان جي سياسي معاملن کان پري رهو، گرفتار افغان شهرين جا تفصيل گهرو وزارت جاري ڪندي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته عالمي برادري کي اسرائيل ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ گهرجي، پاڪستان فلسطينين جي خود اراديت جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪندو رهندو
هن چيو ته بيلاروس جي صدر سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان لبنان ۾ ٿيل جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، عالمي برادري اسرائيل کي جارحيت ۽ نسل ڪشي تي جوابده قرار ڏئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل جي جاري ظلم جي مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق ماسڪو جي دوري تي آهي، جڏهن ته بيلاروس جي صدر پاڪستان جو دورو ڪيو.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) جي جيلن ۾ قيد پاڪستاني جي انگ جي في الحال تصديق ناهي ٿي سگهي، پاڪستاني شهرين مٿان يو اي اي ويزائن جي پابندي ناهي مڙهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هوته پاڪستان جو موقف آهي ته راندين کي سياست جو شڪار نه بڻائڻ گهرجي، پاڪستان ايندڙ سال چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اميد آهي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سمورا ملڪ پاڪستان ايندا.
You might also like