صحافي مطيع الله جان جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيح الله جان جي جسماني رمانڊ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
مطيع الله جان جي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاورق ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر ٻڌڻي ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جو صدر رياست علي آزاد ۽ مطيع الله جان جي وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا به عدالت ۾ پيش ٿيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد عدالت ۾ ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته ايف آءِ آر ۾ آئس جي خريد ۽ وڪرو جو ڪو به ذڪر نه آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ وارو فيصلو معطل ڪندي چيو ته صحافي کي هاڻي جوڊيشل رمانڊ تي تصور ڪيو وڃي.
ياد رهي ته اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل ڏينهن مطيع الله جان کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.