ڊربن(ويب ڊيسڪ ) ڊربن ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سريلنڪن ٽيم پهرين اننگز ۾ 42 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڊربن ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ڏکڻ آفريڪي ٽيم 191 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ سريلنڪا جي پوري ٽيم رڳو 42 رنسون ٺاهي سگهي.
سريلنڪا جا نوَ رانديگر ڊبل فگرز ۾ به نه پهچي سگهيا، ڪمينڊو مينڊس 13، لهيرو ڪمارا 10 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته پنج رانديگر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مارڪو جنيسن ست شڪار ڪيا، جڏهن ته جيرالڊ ڪوئٽزي ٻه ۽ ڪاگيسو رباڊا هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگز ۾ 191 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، ڪپتان ٽمبا باووما 70 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ڪيشو مهاراج 24 رنسن جي اننگز کيڏي.
سريلنڪا جي اسيٿا فرنينڊو ۽ لهيرو ڪمارا 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي سريلنڪا ٽئين ۽ ڏکڻ آفريڪا پنجين نمبر تي موجود آهي.
You might also like