برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني روس مان پنهنجي ٻن صحافين کي بي دخل ڪرڻ تي روسي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ورتو.
روس جرمني ۾ پنهنجي سرڪاري چينل جي آفيس جي بندش ۽ صحافين جي بي دخلي جو الزام هنيو هو.
روسي پرڏيهي ترجمان جي ترجمان ماريا زخاروا جو چوڻ هو ته ماسڪو به ٻن جرمن صحافين جي بي دخلي جو حڪم ڏنو آهي.
هوڏانهن جرمني روسي چينل جي آفيس جي بندش ۽ صحافين جي بي دخلي جي ترديد ڪندي روسي ميڊيا تي غلط ڄاڻ پکيڙڻ جو الزام هنيو آهي ۽ روسي سفير کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو آهي.
You might also like