عورتن جي لاءِ ڪپڙا صحيح نموني ڌوئڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي، جديد واشنگ مشينز ۽ بهترين پائوڊرز جي باوجود اڇي رنگ جي ڪپڙن جو اصل رنگ برقرار رکڻ پنهنجي جاءِ تي وڏو مسئلو هوندو آهي، وري انهن کي نقصانن کان به بچائڻ ضروري هجي ٿو.
پر ان لاءِ اسان اڄ اوهان کي هڪ اهڙي حيران ڪندڙ ڄاڻ ڏينداسين جيڪا توهان لاءِ وڏي مددگار ثابت ٿيندي.
حيران ڪندڙ طور تي مٿي جي سور لاءِ عام طور تي استعمال ڪئي ويندڙ دوا ڊسپرين هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا عورتن جي ڪپڙا ڌوئڻ واري مٿي جي سور کي به ختم ڪري ڇڏيندي.
اها ڳالهه شايد توهان کي عجيب لڳي پر اهڙو جڳاڙ ڪيترن ئي گهرن ۾ ڪيو ويندو آهي.
اڇي رنگ جا ڪپڙا جيڪڏهن ڌوئڻ کانپوءِ ٻئي رنگ وارن سان گڏائي رکجن ته انهن جو رنگ ڦٽي ويندو آهي يا وري ٻين ڪپڙن جو رنگ انهن تي چڙهي ويندو آهي، پر هاڻي ان مسئلي مان سولائيءَ سان جند ڇڏائي سگهجي ٿي.
توهان کي اڇي يا ڪهڙي به رنگ جا ڪپڙا واشنگ مشين ۾ وجهڻ وقت انهن سان گڏ 325 ملي گرام جون پنج ڊسپرين جون ٽڪيون به گڏ وجهڻيون آهن. اهو عمل اهڙو جادو ڏيکاري سگهي ٿو جنهن سان توهان جي ڪپڙن تي ڪنهن به قسم جي ڦڪاڻ ظاهر نه ٿيندي.
بهتر آهي ته اهي ٽڪيون پهريون ئي ڪنهن ڀريل پاڻي جي پيالي ۾ وجهي گاري وٺجن، جيڪڏهن اهو ٿورو پاڻي جيڪڏهن گرم هجي تڏهن به بهتر آهي.
ڪپڙا ڌوئڻ کانپوءِ به توهان اهو ڊسپرين وارو پاڻي هڪ ٽب ۾ وجهي ڪپڙن کي ان پاڻي ۾ ٿوري دير لاءِ پسائي پوءِ ٻاهر ڪڍي سگهو ٿا.
هونئن ته واشنگ مشين ۾ به انهن ٽڪين جو استعمال ڪري سگهجي ٿو پر پاڻي ۾ وجهي ڪپڙا پسائڻ وارو طريقو وڌيڪ بهتر ڪم ڪندو آهي.
ڪپڙن کي ڌوئڻ کان اڳ يا ڌوئڻ کانپوءِ ڪهڙي به وقت ڊسپرين جي پاڻي مان گذاري اهو اهڙا فائدا وٺي سگهجن ٿا.