اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادا حامد رضا تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي ۽ ڪور ڪميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب صاحبزادا حامد رضا قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هو پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري استعيفيٰ پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صاحبزادا حامد رض 24 نومبر جي احتجاج کي ڏسندي پارٽي تنقيد ۽ اختلافن سبب استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
Prev Post
You might also like