گوگل ميپس هسٽري ڊليٽ ڪرڻ جو فيصلو، ڊيٽا بچائڻ جو طريقو ڄاڻيو

گوگل طرفان لوڪيشن هسٽريءَ جي حوالي سان وڏي ڦير ڦار ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت تمام جلد گوگل ميپس جي محفوظ سموري لوڪيشن هسٽريءَ کي ڊليٽ ڪيو ويندو.
ڪمپني طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته گوگل ميپس ۾ محفوظ ڪيل لوڪيشن هسٽري ڊليٽ ڪئي ويندي، جنهن ۾ ٽائيم لائين فيچر جي اِها ڊيٽا پڻ شامل هوندي جيڪا گوگل ميپس توهان جي سرگرمين کي ٽريڪ ڪري محفوظ ڪندو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ نئين اَپ ڊيٽ کانپوءِ ماضيءَ جي ڊيٽا گوگل ميپس ۾ محفوظ نه ٿيندي، تمام جلد واهپيدارن کي لوڪيشن هسٽري ۾ ٿيندڙ تبديلين بابت آگاهه ڪيو ويندو.
پهرين ڊسمبر کانپوءِ ٽن مهينن کان وڌيڪ پراڻي ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيندو.
واضح رهي ته ڊسمبر 2023ع کان گوگل طرفان واهپيدار جي لوڪيشن هسٽريءَ کي گوگل ڪلائوڊ بدران صارف جي ڊيوائسز ۾ محفوظ ڪيو پيو وڃي، پر نئين اَپ ڊيٽ بعد ڊيوائس ۾ محفوظ ڊيٽا به ڊليٽ ڪئي ويندي.
جيڪڏهن توهان ماضيءَ جي دورن ۽ پسنديدا يادن لاءِ گوگل ميپس جي ٽائيم لائين فيچر تي ڀاڙيو ٿا ته پوءِ توهان کي اِها ڊيٽا محفوظ رکڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ گهرجن.
گوگل طرفان واهپيدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اٺ ڊسمبر تائين ٽن مهينن کان وڌيڪ پراڻي لوڪيشن هسٽري ڊيٽا کي ڊائون لوڊ ڪري محفوظ ڪري سگهن ٿا، اٺ ڊسمبر کانپوءِ سموري غير محفوظ ڊيٽا هميشه لاءِ ڊليٽ ڪئي ويندي.
جيڪڏهن اوهان ڊيٽا محفوظ ڪرڻ چاهيو ٿا ته takeout.google.com تي وزٽ ڪريو.
اتي لوڪيشن هسٽري ( ٽائيم لائين ) کانسواءِ سمورا آپشنز ڊي سليڪٽ ڪريو.
ان کانپوءِ نيڪسٽ اسٽيپ ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ create ايڪسپورٽ آپشن چونڊيو.
جڏهن ايڪسپورٽ وارو عمل مڪمل ٿيندو ته اوهان وٽ ٽائيم لائين ڊيٽا جي محفوظ ڪاپي موجود هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.