ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ بلوچستان اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي جو گڏيل ٺهراءُ پيش ڪري ڇڏيو.
گڏيل ٺهراءُ ن ليگ جي صوبائي وزير مير سليم کوسا پيش ڪيو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ ادارن کي عوام سان وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٺهراءَ موجب پي ٽي آءِ 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ وڳوڙ ڪيا، جڏهن ته پارٽي طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن،
ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ صوبي جي وڏي وزير جي وفاق سان ڇڪتاڻ ملڪ دشمنن جي ايجنڊا کي وڌائڻ جهڙي آهي، حقيقتن جي بنياد تي وفاقي حڪومت فوري طور پي ٽي آءِ تي پابندي هڻي.
You might also like