خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ 5.2 شدت جو زلزلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جا لوڏا پشاور، سوات، مالا ڪنڊ، بٽگرام ۽ چارسدا ضلعي جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي سبب عوام ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان نڪري آيا.
زلزلي جي اونهائي 212 ڪلو ميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز پاڪ افغان، تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو، جڏهن ته زلزلي سبب ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.