ماڊل ۽ اداڪارا مهرين راحيل دعويٰ ڪئي آهي ته ننڍپڻ ۾ هوءَ ۽ سندس ڀاءَ دانيال راحيل راند روند دوران واهگا بارڊر کان ڀارت جي حدن ۾ داخل ٿي ويندا هئا پر کيس ڪڏهن ڪنهن ڪجهه نه چيو.
مهرين راحيل ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شريڪ ٿي، جتي هن ڪيريئر ۽ نجي زندگيءَ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پروگرام دوران هن ٻڌايو ته ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ هن ڪجهه وقت لاءِ شوبز کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو، انڊسٽريءَ ڇڏي نه هئي.
اداڪارا موجب، هن ننڍي عمر ۾ ئي ماڊلنگ کان پنهنجو سفر شروع ڪيو، شروع ۾ هن برانڊز لاءِ فوٽو شوٽس ڪرايا، بعد ۾ اشتهارن ۾ ڪم جي آڇ ٿي، جنهن کانپوءِ هن ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هن نه رڳو اشتهارن ۽ ڊرامن پر فلمن ۾ به ڪم ڪيو پر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو نه رهيو.
پنهنجي ننڍپڻ ۽ خاندان بابت ڳالهائيندي مهرين راحيل ٻڌايو ته سندس پيءُ پاڪ فوج ۾ هو، سندس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندي رهندي هئي.
اداڪارا موجب، هوءَ کاريان شهر ۾ ڄائي پر سندس ننڍپڻ مختلف شهرن ۾ گذريو، هو ۽ سندس ڀاءَ دانيال راحيل فوجي بيرڪن ۾ کيڏندا هئا.
ننڍپڻ جو هڪ واقعو ياد ڪندي مهرين ٻڌايو ته هڪ دفعي سندس پيءُ جي بدلي واهگا بارڊر تي ٿي، جتي هو راند روند دوران ڀاءَ دانيال سان گڏ ڀارتي حدن ۾ هلي ويندي هئي.
مهرين راحيل دعويٰ ڪئي ته ان وقت اهڙيون حالتون نه هيون، کين ڀارتي شهري يا فوجي ڪجهه نه چوندا هئا.
You might also like