آمريڪي ڪانگريس ميمبرن،ٽرمپ انتظاميا پاران عمران جي آزادي جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) ٽرمپ جي ساٿي ۽ آمريڪي ڳجهي ايجنسي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر رچرڊ گرينيل عمران خان جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي  جڏهن ته ، ڊونلڊ ٽرمپ جي ايڊوائيزر ۽ ايمنسٽي انٽرنيشل پاڪستان جي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته پي ٽي آءِ جي مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال نه ڪيو وڃي، عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب رچرڊ گرينيل بلوم برگ جي هڪ رپورٽ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته عمران خان کي آزاد ڪريو، ان تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ذلفي بخاري سوشل ميڊيا تي سندس ٿورو ادا ڪيو، جڏهن ته ايمنسٽي انٽرنيشنل به پاڪستان حڪومت طرفان احتجاج ۽ مظاهرين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طاقت جي استعمال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته حڪومت احتجاج ڪندڙن جي حقن جو احترام ڪري ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم فوري طور تي واپس ورتو وڃي. ڇو ته اهڙي طرح جي سرڪاري حڪمن سان فوج کي غير ضروري اختيار ملي ويندا آهن. جڏهن ته ڊونل ڊٽرمپ جي پهرين انتظاميه جي اهم عهديدار زلمي خليل زاد شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جي حڪم واري رپورٽ تي ڳڻتي جو اطهار ڪندي ايڪس تي لکيو ته اهڙي طرح جو حڪم ڏيڻ وڏي غلطي آهي. قانون لاڳو ڪرڻ جو اهو صحيح طريقو نه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.