نئون ديرو ۾27 جانيون ڳڙڪائيندڙ ڀٽا – کهڙا تڪرار جو نبيرو،7 ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنڊ

نئون ديرو( رپورٽ: محمد علي جروار  ) نئون ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد  ۾ 12 ورهين کان هلندڙ 3200 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان ڀٽا کهڙا خوني تڪرار جو راڄوڻي نبيرو ڏهيسر هائوس ميرپور ڀٽو ۾ جهيڙيندڙ ٻنهي ڌرين جي سردارن سردار امير بخش خان ڀٽو ۽ سردار اسد خان کهڙو جي سرپئنچيءَ  هيٺ ٿيو، نبيري ۾ 24 خونن ۽ 12 زخمين جو ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 7 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. نبيري ۾ في خون بها 25 لک مقرر ڪئي وئي ۽ زخميءَ جا 10 لک مقرر ڪيا ويا. نبيري ۾ کهڙا ڌر جا ڀٽا ڌر مٿان 14 خونن جا 3 ڪروڙ 50 لک ۽ 4 زخمين جا 40 لک ڀٽا ڌر مٿان مجموعي طور 3 ڪروڙ 90 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ڀٽا ڌر جا کهڙا ڌر مٿان 10 خونن جا 2 ڪروڙ 50 لک ۽ 8 زخمين جا 80 لکن سميت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ سينيئر سياستدان مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو مٿان دهشتگردي ايڪٽ  تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جا 50 لک ڏنڊ سميت مجموعي طور 3 ڪروڙ 80 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. نبيري دوران تڪرار ۾ قتل ٿيل کوکر برادري جي بيگ کوکر، خروس برادريءَ جي علي خان خروس ۽ ڪڙيو برادري جي عظيم ڪڙيو جا خون نبيري ۾ شامل نه ڪيا ويا. فيصلي جي فتويٰ بعد ڌرين 5 – 5 لک روپيه موقعي تي ادا ڪيا ۽ مقرر ڪيل ڏنڊ جي رقم ٻئي ڌريون 4 مهينن جي عرصي ۾ ٻن قسطن ۾ هڪٻئي کي ادا ڪنديون. ان موقعي تي جهيڙيندڙ ڌرين کهڙا ۽ ڀٽا ڌر جا ماڻهون ڏهيسر هائوس تي وڏي انگ ۾ موجود هئا. جهيڙي جو مک ڪارڻ بڻيل 3200 ايڪڙ ڪچي جي زرعي زمين جو فيصلو ٻنهي ڌرين جا سردار پاڻ ۾ گڏيل صلاح مشوري سان بعد ۾ ڪندا. اهڙي راڄوڻي نبيري جي فتويٰ ٻڌائڻ بعد ڌرين کي پاڻ ۾ پاڪ ڪتاب تي هٿ رکرائي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته نئون ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ 3200 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪيءَ تان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحوم سردار ممتاز علي ڀٽو ۽ سردار اسد خان کهڙو وچ ۾ گذريل 12 ورهين کان خوني تڪرار هلندڙ هو. جنهن ۾ هن وقت تائين 27 انساني جانين جو زيان ٿي ويو هو. جنهن جو نبيرو اڄ ٿي گذريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.