صائم ايوب جي سينچري، پاڪستان زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

بلاويو (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اوپنر صائم ايوب جي شاندار سينچري جي مدد سان زمبابوي کي ٻي ون ڊي ۾ ڏهه وڪيٽن تان مات ڏئي سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي اڄ ٻي ميچ بلاويو ۾ کيڏي وئي جتي ميزبان ٽيم پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
زمبابوي جا بيٽرز پاڪستاني بالرز آڏو گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهي ۽ ميزبان ٽيم 33 هين اوور ۾ 145 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ ابرار احمد چار، سلمان علي آغا ٽي، صائم ايوب ۽ فيصل اڪرم هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
زمبابوي، پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 146 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو پاڪستان بنا ڪنهن نقصان تي 19 هين اوور ۾ سولائي سان حاصل ڪري ورتو.
قومي اوپنر صائم ايوب ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏندي ون ڊي ڪيريئر جي پهرين سينچري مڪمل ڪئي. صائم ايوب 113 ۽ عبدالله شفيق 32 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
صائم ايوب کي هڪ وڪيٽ ۽ سينچري اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي کانپوءِ سيريز هڪ، هڪ تان برابر ٿي وئي آهي، پهرين ميچ ۾ زمبابوي ڊڪ ورٿ لوئيس ميٿڊ تحت پاڪستان کي 80 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي ميچ 28 نومبر تي بلاويو ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.