ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4100 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 74 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 3 هزار 515 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 35 هزار 168 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 41 ڊالر گهٽجڻ سان 2 هزار 631 ڊالر في اونس آهي.
You might also like