پاڪستانين کي ويزا نه ملڻ جي خبرن تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل جو اهم بيان اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل پاڪستانين کي ويزا نه ملڻ جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي چيو ته ٻن سالن کان ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي ته پاڪستانين کي ويزا نه پئي ڏني وڃي، جنهن کي به ويزا وٺڻي آهي اهو يو اي اي ويزا سينٽر اچي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اڳ به سيڙپڪاري آڻي رهيا هئاسين ۽ وڌيڪ به آڻڻي آهي، هڪ ٻه مهينن ۾ سيڙپڪاري بابت خوشخبري ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.