راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جو 28 سيپٽمبر جي ڪيس ۾ 6 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ عمران خان خلاف 28 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ احتجاج تي اڪسائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عمران خان جي وڪيل ۽ حڪومتي پراسيڪيوٽر دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران پبلڪ پراسيڪيوٽر ظهير شاهه پي ٽي آءِ باني جي وڌيڪ 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.
پوءِ عدالت عمران خان کي 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کيس 2 ڊسمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like