آن لائن ڊرائيونگ لائسنس: وقت جي بچت ۽ سهولت مھيا ڪرڻ لاءِ پهريون قدم

تحرير: سيد سعد علي

ڊائريڪٽر پريس / پبلڪ رليشن آفيسر انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ موجوده صدي بي شڪ  انٽرنيٽ جي صدي آهي، جنهن سڄي دنيا جي ماڻهن تائين رسائي کي رڳو  آڱر جي اشاري سان هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، موبائيل  فون ذريعي  گھڻين ئي گھرجن کي گھر جي چائنٺ تائين  حاصل ڪرڻ به ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. چوڻي آھي تھ  سڀ کان قيمتي شيءِ سرمايو يا طاقت نه پر وقت آهي، ڇو ته ڏٺو ويو آهي ته دولت يا طاقت هجڻ جي باوجود وقت تي فيصلو نه ڪرڻ توهان کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. ڊجيٽلائيزيشن جي ھن دور  جتي افرادي قوت جي تصور کي گهٽ ڪيو آهي، اتي وقت کي بھ سھيڙي سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي.هن تيز رفتار زندگي ۾ وقت ۽ سهولت جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. شهري هاڻي زندگيءَ جون ضرورتون ۽ سھولتون  ڊجيٽل دنيا تي درومدار رکن پيون.  جنھن سان ضرورتون پوريون ڪيون پيون وڃن.

ٽيڪنالوجي جي استعمال کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس به شهرين کي جديد دور جي ضرورتن مطابق سهولتون  مُهيا ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو  ڪيو آهي، جنهن جو واضح مثال آهي. 28 سيپٽمبر 2024. ڪلفٽن ڊرائيونگ لائسنس برانچ ۾ منعقد ڪيل هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ شهرين کي گھر ويٺي  آن لائين ڊرائيونگ لائسنس جي سهولت جي شروعات آھي، ذڪر ڪيل تقريب ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي  ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ سنڌ اقبال دارا ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. جنھن مان اھا ڳالهه ظاھر ٿئي ٿي تھ ھي قدم حڪومت طرفان شهري سهولتن جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ھڪ سنجيده ڪوششن جو حصو آهي.

سنڌ ۾ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو روايتي طريقو اڪثر شهرين لاءِ وقت ۽ محنت طلب رهيو آهي. شهرين کي گھڻين ڪاغذي ڪارروائين  ۽ ڊگهين قطارن مان گذرڻو پوندو ھو. خاص ڪري ڪراچي جهڙي مصروف شهر ۾ روزگار جي وقت دوران موقعو ڪڍڻ گھڻو  ڏکيو مرحلو ھوندو آهي. آن لائين ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ سان اھو عمل تمام گھڻو  سولو  ٿي ويو آهي

ھن شاندار ڪم جو ڪريڊٽ سنڌ پوليس جي سربراھ  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ سنڌ اقبال دارا ڏانھن وڃي ٿو. آءِ جي سنڌ جي ويزن موجب ڊي آءِ جي ڊرائيونگ لائسنس آن لائن جي سهولت ممڪن بڻائي ڇڏي آهي. هاڻي شهري گھر ويٺي پنهنجي موبائيل فون يا ليپ ٽاپ ذريعي ”لرنر ڊرائيونگ لائسنس“ حاصل ڪري سگهن ٿا،  جڏهن ته  4 نومبر کان ڊي آءِ جي ٽريفڪ لائسنس اينڊ ٽريننگ سنڌ اقبال دارا سنڌ حڪومت جي وزن ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي هدايتن تي عوام جي سھولت جي لاءِ آن لائن نان ڪمرشل پرمننٽ  لائسنس جي تجديد پڻ شروع ڪئي وئي آهي.جنھن سان سنڌ جا شهري جاري ڪيل مستقل ڊرائيونگ لائسنس جي تجديد نه گھر ويٺي ڪري سگھن ٿا.ان عمل سان نھ  صرف شهرين جو قيمتي وقت بچندو پر  نظام ۾ بھ شفافيت ايندي ۽ بدعنواني جي خاتمي جو رستو کلندو. ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ هاڻي وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي،ڇاڪاڻ  ته سنڌ پوليس شهرين جي سهولت لاءِ موبائيل اپليشن ۽ ويب سائيٽ ٻنهي جو انتظام ڪيو آهي. جنهن ۾ هينئر تائين 54  ھزار کان وڌيڪ ماڻهو پاڻ کي  رجسٽرڊ ڪرائي چڪا آهن.

هاڻي ڪو به بالغ ۽ اهل شهري پنهنجي موبائل فون تي play store  يا apple store  مان سنڌ پوليس جي.”ڊي ايل ايس“ نالي  موبائل ايپليڪيشن کي آساني سان ڊائون لوڊ ڪري سگهي ٿو :اپليڪيشن  صفا آسان ۽ صارف دوست بڻائي وئي آھي.جيئن ڪو بھ بالغ ۽ اھل اميدوار آساني سان ان کي سمجھي سگھي۽ پنھنجي  درخواست کي مڪمل ڀري سگهي ٿو. اپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪرڻ کانپوءِ  درخواست ڏيندڙ مختلف سهولتن جا آپشن ملي ويندا.گهربل آپشن چونڊڻ کان پوءِ، درخواست ڏيندڙ کي پنهنجا مڪمل تفصيل داخل ڪرڻا پوندا، تفصيل داخل ڪرڻ کان پوءِ، سرڪاري فيس آن لائن رقم جي منتقلي ذريعي ادا ڪري سگهجي ٿي. فيس ادا ڪرڻ کان پوءِ  هڪ رسيد ۽ ٽريننگ لائسنس اسڪرين تي ظاهر ٿي ويندي، جنھن کي (سيو) محفوظ يا پرنٽ بھ ڪري سگهجي ٿو، ٽريننگ لائسنس جي مقرر مدت پوري ٿيڻ بعد ، اميدوار هڪ مستقل ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو اهل هوندو.

ڊرائيونگ لائسنس برانچز ۾ شھرين جو وڏو حصو لرنر ڊرائيورز تي ٻڌل ھوندو آھي.جيڪي رڳو شروعاتي مرحلي  رجسٽريشن جي لاءِ برانچز جو رخ ڪن ٿا.آن لائن رجسٽريشن جي سھولت بعد هاڻي اهي ماڻهو گهران ئي لرنر ڊرائيونگ لائسنس درخواست ڏئي سگھن ٿا ۽ مقرر وقت کان پوءِ ٽيسٽ ڏئي مستقل لائسنس حاصل ڪري سگهن ٿا. ان سان  شهرين جو وقت ۽ محنت بچندي ۽ برانچن تي بار به گهٽجندو، سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ ڊرائيونگ ذريعي روزي ڪمائي ٿو.پھرين انھن کي پنهنجي ڊرائيونگ لائسنس جي تجديد لاءِ پاڪستان اچڻو پوندو هو، جنھن سان وقت ۽ پئسو زيان ٿئي ٿو. آن لائن ڊرائيونگ لائسنس جي سهولت سان ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ پاڪستاني هاڻي آساني سان پنهنجي لائسنس جي تجديد ڪرائي سگهن ٿا ۽ تجديد ٿيل لائسنس ڪوريئر ذريعي سندن رهائشي ايڊريس تي پهچايو ويندو آهي. ان سهولت سان اھر رھندڙ پاڪستانين جو وقت بچندو ۽  روزگار جو تسلسل  به يقيني جاري رھندو.جيڪڏهن اسان ڊرائيونگ لائسنس جي ڊيٽا تي نظر وجهون ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ پوليس جنوري 2017 کان آڪٽوبر 2024 تائين 22 لک 78 هزار 484 لرنر ڊرائيونگ لائسنس  جاري ڪيا آھن ۽ 18 لک 34 هزار 727 مستقل ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا آهن. ان کان علاوه هڪ لک کان وڌيڪ انٽرنيشنل ڊرائيونگ پرمٽ پڻ جاري ڪيا ويا آهن. آن لائن سهولت جي شروعات کان پوءِ ھن وقت تائين  9811 لرنر ڊرائيونگ لائسنس ۽ 1245 انٽرنيشنل ڊرائيونگ پرمٽ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن جي تجديد ڪئي وئي آھي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ هر سال لکين ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا وڃن ٿا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته گاڏين جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان سان گڏ ڊرائيورن جي رجسٽريشن ۽ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جو عمل به هڪ وڏو چئلينج آهي. سنڌ پوليس وڌيڪ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ٽريفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ حادثن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي. ان مقصد تحت آن لائن ڊرائيونگ لائسنس جي سهولت جو آغاز شهرين لاءِ هڪ اهم قدم آهي.ڪراچي ٽريفڪ پوليس وٽ 5716 افرادي قوت موجود آهي، جيڪا شهر جي ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا بھتر طريقي سان ادا ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار ٽريفڪ جي روانگي کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙين تي ضابطو آڻڻ ۾ مصروف آهن. هلندڙ سال جي انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ پهرين جنوري کان 24 آڪٽوبر 2024 تائين مختلف قسمن جي ٽريفڪ خلاف ورزين تي 13 لک 20 هزار 87 چالان ڪيا ويا، جن ۾ ڊرائيونگ لائسنس کانسواءِ ڊرائيورن جو به وڏو انگ آهي ڊرائيونگ لائسنس کانسواءِ گاڏي ھلايئندڙن تي 21 ھزار 42 ڇالان جاري ڪيا ويا.

ٽريفڪ کي منظم رکڻ لاءِ مختلف قسمن جا چالان ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن ٿا، جن جو بنيادي مقصد شهرين کي ٽريفڪ ضابطن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. ڪراچي جي مختلف شاهراهن ۽ روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ 138 ٽريفڪ سگنل لڳايا ويا آهن، جيڪي ڏينهن رات ٽريفڪ جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

هڪ رپورٽ موجب هلندڙ سال 31 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪل 89 لک 65 هزار 43 (89 لک 65 هزار 43) گاڏيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، جن ۾ 63 لک 94 هزار 725 (63 لک 94 هزار 725) موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ ٿيون. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ صرف پهرين کان 31 آڪٽوبر 2024 تائين. مجموعي طور تي 25 ھزار 744 گاڏين کي رجسٽرڊ ڪيو،جن ۾ موٽرسائيڪلن جو تعداد18 ھزار 180 ھو. ھن  سال 2024 دوران ڪراچي ۾ 418  زندگيءَ وٺندڙ ۽ 273 ننڍا ٽريفڪ حادثا ٿيا، جن بابت   691 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته گاڏين جي وڌندڙ تعداد سان گڏ حادثن جي روڪٿام ۽ شهرين جي حفاظت پڻ هڪ اهم مسئلو آهي، آن لائين ڊرائيونگ لائسنس جي شروعات  سنڌ حڪومت پاران ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم قدم آهي. سنڌ پوليس جي اها ڪوشش شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ جديد دور جي تقاضائن مطابق اڳتي وڌڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، شهرين جو  اخلاقي فرض آهي ته  ان سهولت مان ڀرپور فائدو وٺن ۽ حڪومت ۽ پوليس جو قانون جي پاسداري ۽ ٽريفڪ مينيجمينٽ ڪنٽرول ۾ پنھنجو حصو وجھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.