لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ ڪنوار جي لباس ۾ پنهنجي تصوير انسٽاگرام اڪائونٽ جي اسٽوري تي شيئر ڪري ڇڏي، جنهن مداحن کي ٻڏتر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
وينا ملڪ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري ۾ڪنوار جي لباس ۾ پنهنجو چهرو لڪائيندي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن ” ها، نيٺ“ لکيو، اداڪارا پنهنجي اسٽوري ۾ شهريار نالي آءِ ڊي کي به ٽيگ ڪيو آهي.
ٻئي پاسي شهريار نالي شخص انسٽاگرام تي اڇي شرٽ ۽ ڪاري پينٽ ۾منهن لڪل تصوير شيئر ڪندي وينا ملڪ کي ٽيگ ڪيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪارا چيو هو ته هوءَ شادي ڪرڻ واري آهي ۽ پنهنجي گهوٽ کي جلد منظرِعام تي آڻيندي.
You might also like