پاڙيسري جي گهران 20 تولا سون چوري ڪري عمري تي ويندڙ عورت جو بُرو انجام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس پاڙيسري جي گهر مان 20 تولا سون چوري ڪري عمري تي ويندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب لياري جي بغدادي علائقي ۾ ڇاپو هڻي عورت کي گرفتار ڪيو ويو، سندس خلاف بغدادي ٿاڻي تي سون جي چوري جو ڪيس داخل آهي.
پوليس ٻڌايو ته شڪ جي بنياد تي عورت جي مڙس کي حراست ۾ ورتو ويو، جنهن تي عورت جي مڙس پوليس سامهون اعتراف ڪيو ته واردات سندس زال ڪئي.
پوليس موجب جوابدار عورت وٽان 3 تولا سون ۽ 15 لک رپيا برآمد ٿيا، هوءَ 17 تولا سون کپائي عمري تي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.