توشا خانا ٽو ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواست رد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) توشا خانا جي ٻئي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي بريت جون درخواستون رد ڪيون ويون.
توشا خانا ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي.
عدالت درخواستن تي اڳ کان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 18 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.