اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچز جي جوڙ جڪ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيس جي ڪلر ڪوڊنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچز جي جوڙ جڪ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ اجلاس ٿيو جنهن م بئنچز جي معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ آئيني بئنچز جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گڏجاڻي ۾ جسٽس امين الدين کي التوا هيٺ آئيني ڪيسن تي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڇويهين ترميم کانپوءِ آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيئر ريسرچر آفيسر مظهر علي خان کي آرٽيڪل 199 جي ڪيسن جي اسڪروٽني جو ٽاس ڏنو ويو آهي.
پڌرائي موجب، ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ بئنچز جي جوڙ جڪ جو فيصلو 2 سينيئر ميمبرن جي مشاورت سان ٿيندو، هفتي جي ڪيسن لاءِ به ٻن سينيئر ميمبرن سان مشاورت ذريعي فيصلو ٿيندو.
پڌرائي موجب، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڪميٽي آئيني بئنچ جوڙيندي ۽ ايندڙ اجلاس بعد ۾ شيڊيول ڪيو ويندو، ٽي رڪني ججز ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ 5 ججن تي مشتمل آئيني بئنچ ٺاهيندي، ڪميٽي جو هڪ ميمبر جج پرڏيهه ويل آهي، سندس ڏيهه واپسي تي ڪميٽي اجلاس ٿيندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 6 نومبر جي آئيني بئنچز بابت ميٽنگ جا منٽ جاري ڪيا ويا، 6 نومبر وارو اجلاس ڪميٽي ميمبر جسٽس جمال خان مندوخيل جي غير حاضري سبب ملتوي ڪيو ويو هو.
آئيني بئنچز جي جوڙجڪ بابت اجلاس، آرٽيڪل 191 اي تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ جو فيصلو
You might also like