برسبين(ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو آهي ته پاڪستان خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز آسٽريليا جي ترجيحن ۾ شامل نه هئي، آسٽريلوي بورڊ ( ڪرڪيٽ آسٽريليا) ڀارت خلاف بارڊر گواسڪر ٽرافي تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران جيسن گليسپي چيو ته حارث رئوف جي رفتار آسٽريلوي بيٽنگ جي خامين کي وائکو ڪيو ۽ اسان کي خبر هئي ته آخري ميچ لاءِ آسٽريلوي ٽيم ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي.
هن چيو ته اوهان جي ذهن ۾ سدائين اِها ڳالهه هوندي آهي ته پرٿ ۾ هو ( آسٽريليا) پنهنجا اهم فاسٽ بالر ميدان تي لاهيندا پر اِهو سليڪٽرز ۽ ڪوچز تي آهي ته هو پنهنجي رانديگرن کي ڪيئن استعمال ڪن ٿا ۽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ائين ئي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز آسٽريليا جي اهم ترجيحن ۾ شامل نه هئي ۽ ايمانداري سان چوان ته ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي ايتري پرموشن نه ڪئي جيڪا حيرت جوڳي ڳالهه آهي.
جيسن گليسپي وڌيڪ چيو ته ڀارت خلاف بارڊر گواسڪر ٽرافي تي ڪرڪيٽ آسٽريليا جو فوڪس ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خلاف سيريز جي ڪا به اهميت نه هئي.
Next Post
You might also like