”عالمي برادري ايران جي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ اسرائيل کي جنگبندي تي مجبور ڪري“

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو آهي ته عالمي براداري ايران جي سالميت ۽ خودمختياري جي احترام لاءِ اسرائيل کي پابند ڪري.
سعودي عرب ۾ غزا ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۽ لبنان جي صورتحال تي سڏايل گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي ولي عهد چيو ته سعودي عرب فلسطيني علائقن سميت لبنان ۽ ايران تي اسرائيلي حملن جي پروزر مذمت ڪري ٿو،
سعودي ولي عهد چيو ته خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪيون.
محمد بن سلمان چيو ته لبنان تي جاري اسرائيلي حملي لبنان جي خودمختياري ۽ سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته اسرائيل جي مسجد اقصيٰ جي تقدس جي پائمالي ۽ بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، عالمي برادري اسرائيل کي جنگبندي تي مجبور ڪري.
واضح رهي ته سعودي عرب ۾ جاري عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين ملڪن جا سربراهه، حڪومتي نمائندا، عرب ليگ ۽ او آءِ سي جا اعليٰ عملدار شريڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.