توهين جوڳي تبصري جو الزام الزام، رام گوپال ورما خلاف ڪيس داخل

پراڪاسام (ويب ڊيسڪ ) آنڌرا پرديش جي پراڪاسام ضلعي ۾ فلسماز رام گوپال ورما خلاف مبينا طور اڳوڻي وڏي وزير چاندرا بابو نائيڊو جي پٽ نارا لوڪيش ۽ نُنهن برهمني تي توهين جوڳو تبصرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي فلم ساز خلاف ڪيس مڊڊيپادو ٿاڻي ۾ تلگو ديشم پارٽي ( ٽي ڊي پي ) جي هڪ مقامي اڳواڻ راما لنگم جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، رام گوپال ورما اِهو تبصرو پنهنجي فلم ” ويُوهم “ جي مشهوري مهم دوران ڪيو، فلم ۾ 2009ع ۾ اڳوڻي وڏي وزير واءِ ايس راج شيکر ريڊي جي حادثاتي موت ۽ واءِ ايس آر ڪانگريس پارٽي جي سياست ۾ عروج جي واقعن کي فلمايو ويو آهي.
رام گوپال خلاف اِهو ڪيس انفارميشن ٽيڪنالوجي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.